سمو مختيار

سمو مختيار

مختيار سمو

مختيار سمو: نامور اديب، تعليمي ماهر، سماج سڌارڪ ۽ شاعر مختيار سمي 18 آگسٽ 1960ع تي تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي جي هڪ غريب گهراڻي ۾ حڪيم يار محمد سمي جي گھر ۾ جنم ورتو. بنيادي تعليم مقامي اسڪولن ۽ ڪاليجن مان ورتائين، باقي تعليم سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان مڪمل ڪري 1987ع ۾ زرعي يونيورسٽي، ٽنڊي ڄام ۾ استاد مقرر ٿيو. ان بعد 1991ع ۾ ڏوڪريءَ ۾ زيڊ.اي ڀٽو زرعي ڪاليج قائم ٿيڻ تي کيس اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ڪيو ويو، جتي هن ڪاليج ٽائيم کانپوءِ واري وقت ۾ تعليمي کوٽ جي پورائي لاءِ ’ناليج سينٽر‘ جي نالي سان هڪ ادارو قائم ڪيو، جتي نوجوانن کي انگريزي جي سکيا ڏني ويندي آهي. 1998ع ۾ هن هڪ ٻئي اداري ’انڊس اسڪول‘ جو بنياد وڌو، هنن ادارن مان هن وقت تائين هزارين شاگرد تعليم حاصل ڪري سماج ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ادبي خدمتن جي حوالي سان پاڻ سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي شاخ جو ٻه ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو وائيس چيئرمئن ۽ گذريل اٺن سالن کان سيڪريٽري طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. سندس انگريزي، سنڌي ۾ ڪالم، مضمون ۽ شاعري پڻ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. هو سماجي شعبي ۾ پڻ انساني حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهي ٿو. لاڙڪاڻي ۾ چائلڊ رائيٽس ڪميٽيءَ جو باني ڪوآرڊينيٽر رهيو آهي. عورتن جي حقن جي حوالي سان عورتن مٿان تشدد جي خاتمي لاءِ هن ڪيترائي سيمينار ۽ ورڪشاپ ڪرايا آهن. مختيار سمو تاريخ سان به گهري دلچسپي رکي ٿو. پاڻ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ سان به سلهاڙيل آهي. سندس هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن: (1) ’دنيا آهي گول‘ (ٻاراڻي شاعري: 1985ع)، (2) ’ڌرتي روشن ٿيندي‘ (ٻارن جي شاعري: 1991ع)، (3) ’وفائون منتظر آهن‘ (1997ع)، (4) ’عورت: هڪ حيثيت ۽ تشدد‘ (2004ع). ن کان سواءِ سندس انگريزي گرامر جا ٽي ڪتاب ڇپيل آهن: (1) An easy approach towards English Grammer (2) Verb Guidance and Forms (3) Fundamentals of compound and complex sentences. سنڌ ثقافت کاتي طرفان ’ڌرتي روشن ٿيندي‘ ڪتاب تي ’مڃتا اوارڊ ۽ ادبي خدمتن تي ’زخمي چانڊيو يادگار اڪيڊميءَ‘ طرفان 2012ع ۾ ’بهترين استاد‘ اوارڊ ڏنو ويو. مختيار سمي جو وڏو پٽ عمران سمون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ آفيسر آهي. هي لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.08.18  عيسوي

نامور اديب، تعليمي ماهر، سماج سڌارڪ ۽ شاعر مختيار سمي 18 آگسٽ 1960ع تي تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي جي هڪ غريب گهراڻي ۾ حڪيم يار محمد سمي جي گھر ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حبيب الله مرزا ڊاڪٽر
آنند کيماڻي
ديوان ننديرام
سڪندر علي مرزا
ڊومڪي حڪيم عبداللطيف
آفتاب ابڙو
روشن سندر چانڊيو
حميد سنڌي
رسول بخش ٻگھيو گچيرائي
چاولا ارجن
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون